نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي ??وقعي تي آسٽريا جي ??فاقي چانسلر ڪارل نيهمر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ??با??ي کر ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هو.