اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن اها ڳالهه سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ چئي. اجلاس ۾ اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ?? ايف بي آر چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ٻوڏ ??ي صورتحال ۽ بحالي جي ڪمن سميت گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سنڌ جي ??ڏي وزير ناڻي واري وزير کي غير معمولي ٻوڏ ??بب ٿيل نقصانن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو، ناڻي واري وزير ٻوڏ ??ي تباهڪارين سبب پيدا ٿيل هن مشڪل گهڙي ۾ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي رليف، بحالي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي ??ڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.