اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي مشروب ساز ڪمپني پيپسي ڪو جي آفريقا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يوجين وليمسن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود پڻ شريڪ هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته قومون معاشي پ??ليسين جي تسلسل سان ٺهنديون آهن. وزيراعظم پيپسي ڪو جي پ??ڪستان سان خطي جي ٻين ملڪن مان برآمدات کي ساراهيندي ڪمپني کي پ??ڪستان ۾ زرعي صنعتن، سيڙپڪاري وڌائڻ ج?? ترغيب ڏني. يوجين وليمسن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ حڪومت جي معاشي، ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي پ??ليسين جي تسلسل جي ڪوششن کي به ساراهيو. يوجين وليمسن وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ته پيپسي ڪو ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 لک راشن پيڪيٽ فراهم ڪيا، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پيپسي ڪو جي ملازمن پاران ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عطيو گڏ ڪرڻ ج?? مهم به جاري آهي. وزيراعظم پيپسي ڪو پاران انهن جي مدد تي ٿورا مڃيا ۽ ڪمپني پ??ران زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ ج?? لاءِ سيڙپڪاري کي ساراهيو.