لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته علائقائي مسئلا اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ريجنل ميڊيا جو اه?? ڪردار آهي، ميڊيا کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت ڏي??هن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. اخبارون حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ذريعي صحيح معلوم عوام تائين پهچائي سگهن ٿيون. پريس جي التوا هيٺ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڌرين جي مشاورت سان ريفارمز پئڪيج متعارف ڪرايو پيو وڃي ج??هن سان ريجنل ميڊيا جا پراڻا مسئلا حل ٿيندا. هن پي آءِ ڊي آفيس لاهور جو دورو ڪيو ته جيئن علائقائي پريس جي بنيادي مسئلن کان آگا??ي حاصل ڪري سگهجي.