اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ميڊيا، آرٽ، اسپورٽس ۽ ڪلچر سميت هر شعبي ۾ تربيت انتهائي اهميت رکندي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ميڊيا، پروڊڪشن آرٽ ۽ ڪلچر جي فروغ جي لاءِ نئين ايندڙن کي باقاعده تربيت ڏيڻ جي لاءِ مناسب ??احول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اڪيڊمي آف ايڪسيلنس کي آئرلينڊ آف ايڪسيلنس بڻائڻ جي لاءِ سموريو?? صلاحيت??ن ۽ وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. هو ريڊيو پاڪستان اڪيڊمي ۾ اڪيڊمي آف ايڪسيلنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.