اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) حڪومت واضح ڪيو آهي ته مخالف ڌر بي شڪ احتجاج ڪري پر قانو?? کي هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين، افراتفري پکيڙڻ لاءِ راند نه کيڏي وڃي، عمران خان ڪڏهن به اسرائيل کي تسليم نه ڪندو، مدرسن جي شاگرد?? کي ڀڙڪائڻ لاءِ اشتعال انگيز نعرا نه هنيا وڃن، موجوده ا??يڪ??ن ڪميشن ا??يڪ??ن ڪرائي ئي ناهي ته احتجاج جو ڪهڙو سبب آهي، مخالف ڌر ڪنهن اداري جي توقير تي سلامت رهڻ ڏي، مولانا فضل الرحمان اسلام آباد طر?? نه پر اسلام جي طر?? ڏسي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزيرن گهرو وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احم?? چيو ته وزيرن جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي، هن چيو ته وزيراعظم پاڪستا?? کي پنهنجي اعلان موجب مديني جي رياست طرز تي ٺاهڻ جو خواهشمند آهي، اسان ديني قوتن جو احترام ڪريون ٿا ۽ مدرس?? کي اسلام جو قلعو ۽ مينار سمجهون ٿا، هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ 560 مدرسا آهن جنهن مان صرف 92 رجسٽرڊ آهن، وزيرن جي ڪميٽي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن جڏهن ته قانون واري وزير فروغ نسيم به اهم قانوني مشورا ڏنا آهن، هن چيو ته 19 جنوري تي مخالف ڌر پارٽيون ا??يڪ??ن ڪميشن احتجاج لاءِ اچي رهيون آهن، ا??يڪ??ن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، جيڪڏهن ان تي ڪنه?? کي اعتراض آهي ته ان جو ڪو جواز نه آهي، جنهن اسيمبلي جي خلاف احتجاج ڪرڻ وڃي رهيا آهن ان اسيمبلي جي ا??يڪ??ن ۾ حصو به وٺي رهيا آهن، چونڊ سڌارن طر?? نٿا اچن، گهرو وزير چيو ته مارچ ۾ سينيٽ ا??يڪ??ن ۾ به مخالف ڌر حصو وٺندي، اسان اميد ڪريون ٿا ته مخالف ڌر امن امان جو مسئلو پيدا نه ڪندي، فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪيو ويندو ۽ حڪومت جي امن جي خواهش کي خراب نه ڪيو ويندو،