اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل مفاد ڪنهن به قسم جي سياست کان مٿي آهن، ٻنهي ملڪن جا پارليامينٽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن چين – پاڪستان سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي ??يني سفارتخاني طرفان انعقاد ڪيل آن لائن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته خوشي جي ان موقعي تي ان طرح جي تقريب جي انعقاد تي ??يني سفارتخانو مبارڪباد جو مستحق آهي. سينيٽ چيئرمين چيني صدر شي جن پنگ لاءِ نيڪ تمنائن جو ??ظهار ڪيو ۽ ان موقعي تي دلي پيغام تي ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته 21 مئي 1951ع پاڪستاني تاريخ جو ??هم ڏينهن آهي، انهي ڏينهن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا هئا، پاڪستان سدائين هر طرح جي حالتن ۾ پ??هنجي چيني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيو آهي، هن چيو ته چين سان دوستي سدائين پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي جزو رهيو آهي، چين ۽ پاڪستان صرف پاڙيسري ئي نه پر بهترين دوست ملڪ به آهن، پاڪستان ۽ چين جهڙي دوستي جو ??نيا ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل مفاد ڪنهن به قسم جي سياست کان مٿانهون آهن، پاڪ چين دوستي صديون پراڻي راهدارين، تاريخي ثقافتي لاڳاپن تي مشتمل آهي،