اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته هڪٻئي جي پارلياماني اڳواڻن جو احترام ڪيو ويندو انهن جي تقريرن ۾ غير قانوني طريقي سان مداخلت نه ڪئي ويندي، رولز جو احترام نه ڪرڻ، ايوان ۾ اُلرون ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويند??، جڏهن ته 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ قانونسازي تي مخالف ڌر جي خدشن کي سامهون رکندي 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ ج?? فيص??و ڪيو ويو آه??، جنهن کانپوءِ مخالف ڌر جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ واپس ورتي وئي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ايوان ۾ پيش آيل اڻوڻندڙ واقعن کانپوءِ حڪومت مخالف ڌر سان رابطو ڪيو جنهن کانپوءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ان ۾ مخالف ڌر پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانونسازي آئيني گهرجون ??ور??ون ڪندي قانون موجب ڪئي وئي آه??، جنهن تي ان جي جائزي لاءِ 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ ج?? فيص??و ڪيو ويو آهي جيڪو انهن اعتراضن جو جائزو وٺندي ان ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کان 6، 6 ميمبر شامل ٿيندا ان کانسواءِ اها ڪميٽي قانوني طريقيڪار تي به غور ڪند??، جڏهن ته م??الف ڌر انهن بلن تي غور لاءِ ڪميٽي جي قيام کانپوءِ عدم اعتماد جي رٿ واپس وٺندي