اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 39 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾3 هزار 262 ماڻهن ج?? ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 15 سيڪڙو، پشاور ۾ 18 سيڪڙو، لاهور 20 سيڪڙو ۽ اسلام آب??د ۾ 34 سيڪڙو مريض آه??. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان راولپنڊي ۾ 24، ڪراچي ۾ 48 سيڪڙو، اسلام آب??د ۾ 25 سيڪڙو ۽ گلگت ۾ 44 سيڪڙو مريض آه??. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 412 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 16 هزار 975، پنجاب ۾ 18 هزار 432، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 802، اسلام آب??د ۾ 2 هزار 390، بلوچستان ۾ 2 هزار 393، گلگت بلتستان ۾ 727، آزاد ڪشمير ۾ 693 ٽيسٽ شامل آه??. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 28 هزار 722 ٿي چڪو آه??. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آه??. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 276 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 59 هزار 899 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 11 هزار 708 آه?? جن مان آزاد ڪشمير ۾ 23 هزار 203، بلوچستان ۾ 29 هزار 618، گلگت بلتستان ۾ 7 هزار 798، اسلام آب??د ۾ 85 هزار 947، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 42 هزار 139، پنجاب ۾ 3 لک 53 هزار 695 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 69 هزار 245 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 87 آه??.