اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي انٽرنيشنل ميڊيا سميت پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، هيستائين چار هزار جي لڳ ??ڳ ويزا جاري ڪيا ويا آهن، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسان جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، افغانستان جي صورتحال جي ح??الي سان سمورين عالمي ۽ علائقائي طاقتن سان اسان جو ويجهو رابطو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ افغانستان جي ح??الي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت سازي اتان جي عوام کي ڪرڻي آهي، اسان جي ڪوشش پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري صحافين، انٽرنيشنل ميڊيا جي ميمبرن، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ مختلف سفارتخانن جي عملي جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين ڪابل کان ا??ڪل 1400 ماڻ??ن کي ڪڍڻ ۾ سهولت ڏ??ي. هن وقت تائين پاڪستاني سفارتخاني ا??ڪل 4 هزار ويزا جاري ڪيا جڏهن ته 2 هزار جي لڳ ??ڳ ماڻ??ن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي.