اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ايم ڊي اي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مش??ور?? کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف سب ڪميٽي جوڙي، عين وقت تي سب ڪميٽي جي اجلاس کي ملتوي ڪري مريم اورنگزيب سميت مخالف ڌر پارليامينٽ جي فورم کي پاڻ بي توقير ڪري رهي آهي. سومر ڏينهن مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته اها سب ڪميٽي مسلم ليگ ن ج?? مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ جوڙي وئي، سب ڪميٽي جو اڄ سومر تي پهريون اجلاس پاڻ گهرائي عين وقت تي ملتوي ڪيو ويو، پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جو سبق ڏيندڙن ج?? منافقاڻو رويو کلي سامهو?? اچي ويو آهي. هن چيو ته انهن لاءِ مي??يا جي ڊولپمينٽ، فيڪ نيوز جي خاتمي ۽ روڪنگ جرنلسٽ ۽ مي??يا ورڪرز جي نوڪرين ج?? تحفظ، وقت سر پگهارن ج?? ادائيگي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڪا دلچسپي نه آهي.