ڪراچي – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان (اي پي پي) جي مينيجنگ ڊائڪريٽر مبشر حسن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل ارم تنوير سان گڏ ”اي پي پي“ ڪراچي بيورو جو دورو ڪيو. ”اي پي پي ڏکڻ“ جي ريجنل ڊائريڪٽر پرويز اسلم سندس استقبا?? ڪيو. هن ”اي پي پي“ ڪراچي بيورو جي مختلف ??صن جو دورو ڪيو، ”اي پي پي“ جي ايم ڊي مبشر حسن اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري کي ”اي پي پي“ ڪراچي بيورو جي ڪارڪردگي ۽ مسئلن کان آگاهه ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي هڪ تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي.