اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ناليواري اداڪار سهيل اصغر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم سهيل اصغر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿ??و. ??رحوم سهيل اصغر مزاح، اسٽيج ۽ ٽي وي اداڪار طور پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. چوڌري فواد حسين چيو ته سهيل اصغر جو لاڏاڻو شوبز انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، الله کان د??ا آهي ته مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عط?? فرمائي.