اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف مودي ئي ڪر?? سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير 27 فيبروري 2019ع تي پاڪ فضائيه جي شاهينن جو نشانو بڻجندڙ ڀارتي مگ جهاز جي پائليٽ اڀي نندن کي ڀارت جي ٽئين سڀ کان وڏي فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف نريندر مودي ئي ڪر?? سگهي ٿو. هن ڀارتي وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته هو احمقن جي جنت ۾ پنهنجو قيام جاري رک??. واضح رهي ته ڀارتي صدر رام ناٿ ڪووند سومر تي اڀينندن کي فيبروري 2019ع ۾ مبينه طور تي پا??ست??ني فضائيه جو ايف 16 جهاز ماري ڪيرائڻ تي ”وير چڪر“ ڏنو آهي، پا??ست??ن ڪيترائي ڀيرا ان ڀارتي دعويٰ جي ترديد ڪر?? چڪو آهي ۽ آمريڪي اخبار فارن پاليسي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته آمريڪا جي دفاع واري کاتي جي اهلڪارن پا??ست??ن ايف 16 جهازن جي ڳڻپ ڪئي آهي ۽ اهي تعداد ۾ پورا آهن، آمريڪي عملدارن پاران اهو بيان ان ڀارتي دعو??ٰ کي مڪمل طور تي ڪوڙو ثابت ڪر?? چڪو هو.