اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مب??رڪ??اد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان، سينئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يوسف عارف نظامي کي نين ذميدارين تي مب??رڪ??اد ڏيندي چيو ته سي پي اين اي ملڪ ۾ شاندار صحافتي روايتن جي امين آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ، صحافتي قدرن جي پاسد??ري ۽ عوام کي باشعور بڻائڻ ۾ سي پي اين اي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري ۽ بنيادي حق تي ڪامل يقين ??کي ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ آزادي صحافت جي فروغ ۽ فعال ميڊيا جي ترقي لاءِ هر ??مڪ?? حمايت ج??ري رکندا، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار صحافت جي شعبي جي بهتري ۽ ميڊيا صنعت جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ صحافتي برادري جي اميدن تي پورو لهندا.