اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته استعيفائن جو خواب چڪنا چور ٿي ويو، فضل الرحمان جي چهري تي اڄ مايوسي جا ڪڪر ڇانيل هئا، 23 مارچ جو ڏينهن تاريخي اهميت رکندڙ ڏينهن آهي، ان ڏينهن کي پوري قوم يوم پاڪستان جي طور تي ملهائي ٿي ان ڏينهن تي احتجاجي مارچ جو اعلان ڪندڙ قومي يڪجهتي خراب ڪرڻ چاهين ٿا. پي ڊي ايم جي لانگ مارچ جي اعلان تي ردعمل ۾ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته پوري پي ڊي ايم وڻ وڻ جي ڪاٺي بڻيل آهي جن وٽ پنهنجي چوري بچائڻ کانسواءِ ڪا عوامي ايجن??ا نه آهي. سياسي بيروزگارن جو ٽولو ڦرلٽ بند ٿيڻ سان بيچيني و شڪار آهي، آر يار پار وارا بر?? طرح خوار ٿي رهيا آهن.