اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان اف??انستان جي تعليمي شعبي جي ترقي، تعليمي ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندو، اف??انستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي لاءِ تعليمي ماه??ن ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن جي سخت ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اف??ان هائير ايجوڪيشن جي وزير مولانا عبدالباقي حقاني جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات ۾ هائير ايجوڪيشن جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان اف??انستان جي تعليمي شعبي جي ترقي، تعليمي ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندو، اف??انستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي لاءِ تعليمي ماه??ن ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته اف??انستان هن وقت مشڪل مرحلي مان گذري رهيو آهي، اف??انستان کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري معاشي ۽ انساني امداد فراهم ڪري، هن چيو ته اي سي او جي تازي سمٽ ۾ ممبر ملڪن، عالمي برادري کان اف??انستان جي انساني ۽ معاشي ضرورتن جي حل جي ڳالهه ڪئي، هن چيو ته علامه اقبال اوپن ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان اف??ان يونيورسٽين جي شاگردن کي آن لائين تعليم ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. نيوٽيڪ مختلف فني شعبن ۾ تربيت لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ پروگرام منعقد ڪندو. ملاقات دوران اف??ان تعليم وارو وزير اف??انستان جي تعليمي شعبي جي نئين سر تعمير ۾ ڪردار تي پاڪستان حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عملدا??ن ۽ تعليمي وزير سان ملاقاتون نتيجا ڏيندڙ رهيون ?? ان سان تعليمي شعبي ۾ تعاون ?? اضافي ۾ مدد ملندي.