اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسيت ۾ ملوث شخص جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اڳوڻي بئنڪ مينيجر انساني بنيادن ??ي صدر مملڪت کان سروس ۾ بحالي جي درخواست ڪئي ??ئي، بئنڪ مينيجر تي هراسيت جو الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو، حبيبه رئوف مينيجر نعيم اقبال جي خلاف بئنڪ کي هراسيت جي شڪايت ڪئي ??ئي، تفصيل موجب بئنڪ انڪوائري ۾ نعيم اقبال تي لڳايل الزام ثابت ٿيا، هراسيت جا الزام ثابت ٿيڻ تي نعيم اقبال کي بئنڪ برطرف ڪري ڇڏيو، نعيم اقبال برطرفي جي خلاف ڪم جي جاءِ تي هراسيت جي روڪٿام جي وفاقي محتسب کي درخواست ڏني، محتسب نعيم اقبال کي ننڍن ٻارن ۽ بزرگ والدين جي ڪري سزا ۾ نرمي ڏني، هراسيت جي روڪٿام واري محتسب ”نوڪري تان برطرفي“ جي بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ جي سزا ڏني، جنهن کانپوءِ نعيم اقبال صدر کي انساني بنيادن ??ي سروس ۾ بحالي ۽ محتسب جو فيصلو ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي ??ئي، صدر هراسيت ۾ملوث ماڻهو جي اپيل رد ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته معزز محتسب سزا کي ”نوڪري تان برطرفي“ بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ ۾ بدلجي چڪو، درخواستگذار محتسب جي حڪم ۾ ڪنهن قسم جي غير قانونيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، درخواست گذار هراسيت جي روڪٿام واري محتسب جي حڪم کي بدلائڻ ??اء?? ڪو جواز پيش نه ڪيو، ان ??اء?? درخواست گذار جي نوڪري ۾ بحالي جي اپيل رد ڪئي ??ڃي ٿي.