اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايڪوٽورازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ?? سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ۾ بلدياتي چونڊون هلندڙ سال جي وچ ڌاري منعقد ڪرڻ کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ جي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظ?? چيو ته حڪومت آزاد ڪشمير ، اترين علائقن ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي جي بي پن??هه صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ايڪو ٽور ازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ?? سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.