اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته فوٽو جرنلسٽ، وڊيو جرنلسٽ ۽ ڊجيٽل پروڊيوسرز، نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز پروڊيوسرز پوري دنيا ۾ صحافي طور سڃاتا ويندا آهن، صحافين کي وزيراعظم پاران صحت ڪارڊ جي سهولت سميت نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به ترجيحي بنيادن تي شامل ڪيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات واري وزير ويمن جرنلسٽ ايسوسيئيشن ۽ وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وزير چ??و ته خبرن ۽ حاضر دور ۾ ڪم ڪندڙ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي فوٽو ۽ وڊيو صحافي ۽ پروڊيوسرز کي پوري دنيا ۾ صحافي قرار ڏنو ويندو آهي. چو??ري فواد حسين چ??و ته صحافين کي وزيراعظم پاران صحت ڪارڊ جي سهولتن سميت نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به ترجيحي بنيادن تي شامل ڪيو وڃي. ان موقعي تي وومن جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي جوائنٽ سيڪريٽري حڪومت کان نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جون چونڊون 2022ع اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چ??و ته هر سال چونڊن جي شفافيت کي ص??افي برادري چئلينج ڪندي آهي جنهن سان اداري جو وقار مجروح ٿيندو آهي، وفد چ??و ته نيشنل پريس ڪلب جي اميدوارن کي گهرجي ته پنهنجي اثاثن جا گوشوارا جمع ڪرائين ۽ ٽيڪس فائلر ۽ نان فائلر ڊڪليئر ڪن. ويمن جرنلسٽ ايسوسيئيشن مريم نواز ۽ اڳوڻي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير پرويز رشيد جي مبينه آڊيو ليڪس جي به ڀرپور مذمت ڪئي ۽ چ??و ته سندس اها آڊيو ن ليگ جي پارٽي جو اظهار راءِ جي آزادي تي راتاهي جو عملي ثبوت آهي. وومن جرنلسٽ ايسوسيئيشن چ??و ته مريم نواز جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان ن ليگ ميڊيا سيل جي طرز تي پاڪستاني ميڊيا کي هلائڻ چاهي ٿي جيڪا ان جي رياست مخالف بياني جي پاسداري ڪري ته اهو ناممڪن آهي. ان موقعي تي وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر سيد شاهين گرديزي، وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو فنانس سيڪريٽري محمد جميل اعواڻ، فيصل مسعود خان، سينئر نائب صدر، سينئر ميمبرن عبدالرافع، خالد شاهه، گل خان، ماجد خان به موجود هئا.