اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چ??و آهي ته حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسن جي ڪر?? معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، نوڪرين جي موقعن ۾ اضافو ٿ??و آهي، مقصود پٽيوالي، غلام شبير قريشي ۽ اقرار حسين جي پگهار هزارين روپين ۾ آهي جڏهن انهن جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين روپيا ويا، اهي پئسا مني لانڊرنگ جي ذريعي شهباز شريف جي اڪائونٽس ۾ ويا. سينيٽ جي اجلاس ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب تي ٿوري جي رٿ تي خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ ٻن حصن جي ڳالهه ڪئي، هڪ اڄ جو پاڪستان آهي ۽ هڪ ڪالهه جو پاڪستان هو، هڪ 2018ع کان اڳ جو پاڪستان هو ۽ هڪ اڄ 2022ع جو پاڪستان آهي، هن چيو ته 2018ع ۾ ملڪ کي 20 ارب روپيا ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو درپيش هو، عالمي بئنڪ، بلوم برگ ۽ اڪانومسٽ جي تازين رپورٽن ۾ حڪومتي پاليسين جو اعتراف ڪيو و??و آهي، ملڪ جي واڌ جي شرح 5.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هن چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا جي معيشت تي اثر پيا، بهتر حڪمت عملي جي ڪري پاڪستان جي واڌ جي شرح ۾ اضافو ٿ??و آهي، ماضي ۾ واڌ جي شرح مصنوعي هئي، واڌ جي شرح ۾ اضافي سان نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا، في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿ??و آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، بلومبرگ جي انگن اکرن موجب پڪستان جي واڌ جي شرح وڌندي ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا، اڪانومسٽ جي رپورٽ موجب ڪورونا وبا جي باوجود معاشي ترقي ۾ پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر آهي ۽ ڏکڻ ايشيا جو پهريون ملڪ آهي، هن چيو ته مارچ جي آخر تائين سڄي پنجاب جي شهرين کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏينداسين جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ جاري ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ان هيلٿ ڪارڊ جي لاءِ هر خ??ندان کي علاج جي لاءِ ساليانو 10 لک روپيا ملندا. هن چيو ته اها پريشاني جي ڳالهه آهي ته مقصول پٽيوالي جي اڪائونٽ ۾ 375 ڪروڙ روپيا ويا ۽ ان جي ماهوار پگهار 25 هزار روپيا آهي، غلام شبير قريشي ۽ اقرار حسين جي پگهار به هزارين روپين ۾ آهي جڏهن ته سندن اڪائونٽس ۾ ڪروڙين روپيا ويا، اهي پئسا مني لانڊرنگ جي ذريعي شهباز شريف جي ڪائونٽس ۾ ويا، سينيٽر قرت العين مري ۽ سينيٽر طاهر بزنجو به بحث ۾ حصو ورتو.