اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته لاهور ۾ بم ڌماڪي، اسلام آباد ۾ پوليس اهلڪارن جي شهات وارن واقعن جي ذميداري ٽي ٽي پي قبول ڪئي آهي، ٽي ٽي پي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهي حملا خاص مقص?? جي لاءِ ڪيا پيا وڃن، پاڪ افغان سرحد تي 2680 ڪل??مي??ر تار مڪمل ٿي چڪي آهي، مولانا کي اسلام آباد اچڻ تي خوش آمديد چونداسين، سينيٽ جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي گهرو وزير چيو ته لاهور ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي اهڙي طرح اسلام آباد ۾ 18 تاريخ تي هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ دهشتگرد ماريا ويا، ٽي ٽي پي ان واقعي جي ذميدا??ي قبول ڪئي، ان کان پهرين به اسلام آباد ۾ پوليس اهلڪارن تي حملا ڪيا ويا، ٽي ٽي پي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهي حملا خاص مقص?? جي لاءِ ڪيا پيا وڃن، گهرو وزير چيو ته پاڪ افغان سرحد تي 2680 ڪل??مي??ر خاردار تار مڪمل ٿي چڪي آهي، بلوچستان ا??را?? سرحد تي 200 ڪل??مي??ر خاردار تار لڳائڻ باقي آهي، هن چيو ته مولانا کي اسلام آباد اچڻ تي خوش آمديد چونداسين، هن چيو ته لاهور ڌماڪي کانپوءِ اسپ??ال ايندڙن سان بدتميزي ۾ ڪو پوليس اهلڪار ملوث هوندو ته ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي.