اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته و??ير??عظم عمران خان جي چين جي دوري دوران چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتون ۽ وڏن سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿينديون. چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنعتي يونٽس پاڪستان منتقل ٿيندا، ان دوري سان پاڪ چين گهرن لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اها ڳالهه هن و??ير??عظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چئي، چوڌري فواد حسين چيو ته و??ير??عظم عمران خان اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ چين جي اهم دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. پنهنجي چين جي دوري دوران و??ير??عظم عمران خان چين جي صدر شي چن پنگ سان ملاقات ڪندو. صدر شي چن پنگ ٻن سالن کانپوءِ ڪنهن عالمي اڳواڻ سان ملاقات ڪندو جيڪو و??ير??عظم عمران خان هوندو. هن چيو ته و??ير??عظم جي چين جي دوري جو مقصد ونٽر اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ۽ ان جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪري پاڪستان جو خير سگالي جو جذبو پهچائڻ آهي، هن چيو ته ان موقعي تي 20 ٻين ملڪن جا سربراهه به چين ۾ موجود هوندا. و??ير??عظم جي چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ب?? ٿينديون. ان دوري کانپوءِ چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنعتي يونٽس پاڪستان منتقل ٿيندا. هن چيو ته و??ير??عظم عمران خان جي چين جي صدر ۽ و??ير??عظم سان ب?? ڌار ڌار ملاقاتن کانسواءِ چين جي وڏن سيڙپڪارن سان ملاقاتون ب?? طئي آهن، اهو دورو هماليه کان اونچي ۽ بحيره عرب کان گهِري پاڪ چين لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو.