اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪيچ بلوچستان ۾ فوجي چوڪي تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر سپوٽن جي جرئت ۽ بهادري کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته مل?? جي تحفظ خاطر، شهادت ماڻيندڙن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته امن دش??ن عنصرن ??ي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي دم پٽينداسين. دهشتگردي جي خلاف پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پرڏيهي وزير شهيدن جي پوئينرن سان دلي همدرد?? ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.