بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون قابل تحسين آهي، سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، سي پيڪ جي جلد مڪمل ٿيندڙ منصوبن سان پاڪستاني معيشت تي مثبت اثر پيا آهن. وزيراعظم چين جي دوري ??وران چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جي چيئرمين هي لي پنگ سان ورچوئل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين جي سياسي مشاورتي ڪائونسل جو ??ائيس چيئرمين به موجود هو. ملاقات ۾ سي پيڪ جي جاري منصوبن ۽ مستقبل جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا جڏهن ته هي لي پنگ سان گڏ وائيس چيئرمين ننگ جيزي ۽ تانگ ڊينگ جي، اين ڊي آر سي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل تزويراتي حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، ڪووڊ – 19 جي وبا جي باوجود ٻنهي ملڪن جي تعاون جي ڪري ??ي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري ??هيو. وزيراعظم چيو ته چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون واکاڻ جوڳو آهي. سي پيڪ، بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) منصوبي جو ??ڪ اهم جز آهي، سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي جلد مڪمل ٿيڻ جي منصوبن سان پاڪستاني معيشت تي مثبت اثر پيا آهن. سي پيڪ منصوبن ملڪ جي پائيدار معاشي ترقي جو ??وس بنياد رکيو آهي ۽ انهن منصوبن پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي ??بديل ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ بي آر آئي جو ??ليگ شپ منصوبو آهي جنهن جي اسٽريٽجڪ اهميت ٻنهي ملڪن لاءِ آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدا حاصل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ٻئي ڌريون گوادر کي ??طي جو ??عاشي مرڪز بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري ??کنديون، ايم ايل ون ۽ ٻين اهم توانائي منصوبن کي ??رجيح بنيادن جي طور تي ورتو ويندو، ان موقعي تي چين جي قومي ۽ سڌارا ڪميشن جي چيئرمين هي لي پنگ چيو ته چين سي پيڪ منصوبن کي ??نتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي تيز رفتار اڳڀرائي جي لاءِ پرعزم آهي، گذريل 7 سالن ۾ چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ??صيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن مستقبل ۾ به مجموعي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي رفتار کي ??رقرار رکڻ جا خواهشمند آهن، هن چيو ته اين ڊي آر سي ۽ سمورن لاڳاپيل چيني ادارا سي پيڪ منصوبن ۾ سيڙپڪاري ??ي لاءِ چيني، سرڪاري ۽ نجي ادارن جي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري ??کندا. ان سلسلي ۾ ٻنهي پاسن ۾ نوان گرين، ڊجيٽل، صحت، واپار ۽ صنعتي راهدارين جو ??يصلو ڪيو هو جنهن سان انهن شعبن ۾ شعباجاتي تعاون ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جو ??ورو ادا ڪندي اين ڊي آر سي جي چيئرمين صنعت، زرعي جديديت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد جي لاءِ چين جي رضامندي جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران بنهي ڌرين سيڙپڪاري ??ورڊ ۽ اين ڊي آر سي جي وچ ۾ صنعتي تعاون جي فريم ورڪ جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي جيڪا چين جي صنعتي ڌرين کي ??ي پيڪ، خصوصي اقتصادي زونز ۾ منتقل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي ايندي، ٻنهي ڌرين گوادر تي 16 هين جوانٽ ورڪنگ گروپ اجلاس جي منٽس تي صحيحون ڪيون، پاڪستان پاران منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ چين پاران اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين ننگ جينزي صحيحون ڪيون.