اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ قازقس??ان جي وچ ۾ واپار ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضر??رت آهي، پاڪس??ان گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ ع??لمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسلامي تعاون تنظيم جي ??رڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي قازقس??ان جي ??رڏ??هي وزير مختار تلبردي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قازقس??ان جي پاڪس??ان سان ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ ع??لمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهه اجلاس جي موقعي تي قازقس??ان جي صدر قاسم جومارٽ توڪايوف سان ملاقات جو ذڪر ڪندي پاڪس??ان جي ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون کي تيز ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانس??ان سميت مختلف علائقائي ۽ ع??لمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قازقس??ان جي ??رڏ??هي وزير وزيراعظم عمران خان کي قازقس??ان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ٻطرفي تعاون کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ ع??لمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هو هن سال جي آخر ۾ قازقس??ان جي صدر جي پاڪس??ان جي دوري جو منتظر آهي.