اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي امير وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سن??الڻ تي مب??رڪ??اد ڏني ۽ پا??ست??ن قطر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پوري حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پا??ست??ن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور تي وزيراعظم پا??ست??ن ۽ قطر جي وچ ۾ م??اش?? سرگرمين کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. وزيراعظم سيڪيورٽي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پا??ست??ني افرادي قوت جي ڀلائي لاءِ قطر جي قدمن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ افغان عوام جي لاءِ امن، استحڪام ۽ انساني امداد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهن. وزيراعظم قطر جي امير کي جلد پا??ست??ن جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ويجها گڏيل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ پا??ست??ن قطر لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ سگهه آڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.