اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت چيني ڪمپني پاران بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ جوائنٽ وينچر تحت سيڙپڪاري جي آڇ جي آجيان ڪري ٿي، ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، صحت واري وزير ??ن باري ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ته جيئن منصوبي تي جلد ڪم شروع ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف سان چيني ڪمپني سينوويڪ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??يا??گ گواو جنرل مينيجر سينوويڪ، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل بزنس ڪيون زينگ، صحت واري وفاقي وزير ??بدالقادر پٽيل، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ميجر جنرل پروفيسر عامر اڪرام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وز??راعظم کي ڪووڊ – 19 ويڪسينيشن مهم دوران سينوويڪ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل ويڪسين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، ان کانسواءِ سينوويڪ پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر بڻائن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو. وز??راعظم چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت چيني ڪمپني پاران سيڙپڪاري جي ان آڇ جي آجيان ڪري ٿي ۽ ان حوالي سان هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي. وز??راعظم صحت واري وفاقي وز??ر کي ان حوالي سان فوري طور تي هڪ ٽاسڪ فورس بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سينوويڪ ڪمپني جلد ان منصوبي تي ڪم شروع ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سڌو سنئون ٻاهرين سيڙپڪاري وڌائ?? حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ڪووڊ- 19 جي دوران چيني تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.