اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز ??شر?? چيو آهي ته ڪو به مع??شر?? عورتن کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، چونڊ قانونن جي حوالي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس ??ي اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته پارلياماني وومين ڪاڪس پوري پاڪستان ۾ عورتن جي ترجماني ڪري رهي آهي. پارلياماني وومين ڪاڪس ??نا ڪنهن سياسي وابستگي جي سڄي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جو خواب عورتن جي شموليت کانسواءِ تعبير نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستاني عورتن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت ساراهه جوڳي آهي. عورت پارليامينٽ ??يمبرن جي عورتن جي حقن جي لاءِ قانونسازي جي عمل ۾ شموليت فخر جوڳي آهي. عورتن جي حقن جي لاءِ دختر جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي وساري نه ٿو ??گهجي. هن وقت پارليامينٽ ۾ اهم قانونسازي جو عمل جاري آهي. پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جو فعال ڪردار لازمي آهي. چونڊ سڌارن جي قانونسازي جي لاءِ عورتن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. ڪاڪس ??ي سيڪريٽري شاهده رحماني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد ڪريان ٿو ??ه شاهده رحماني جي سربراهي ۾ وومين ڪاڪس پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. بطور اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس ??ي لاءِ پنهنجو هر ممڪن تعاون جاري رکندس. ڪاڪس ??ي سيڪريٽري ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر جا ڪاڪس ??جلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. ڪاڪس ??ي سيڪريٽري ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪاڪس ??ي هدفن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو.