اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه پولينڊ سان پنهنجي لا??اپ?? کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان پولينڊ سان واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي لا??اپ?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر خالد حسين ميمڻ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته گڏيل بزنس فورم جو قيام، توانائي جي شعبي ۾ پولينڊ جي ڪمپني سان تع??ون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، نامزد سفير پاڪستان جي جي ايس پي پلس ا??ٽي??س جي تجديد لاءِ پولينڊ جي مسلسل حمايت ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحن جي آمد وڌائڻ لاءِ نامزد سفير سياحت جي شعبي ۾ موجود موقعا اجاگر ڪري. نامزد سفير پاڪستان ۽ پولينڊ جي يونيور??ٽي?? جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي قيام لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ??ه تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ سان پاڪستاني يونيور??ٽي?? جو تعليمي ۽ تحقيقي معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نامزد سفير پولينڊ ۾ پاڪستاني افرادي قوت جو تع??اد وڌائڻ تي به ڪم ڪري. صدر نامزد سفير کي پولينڊ ۾ پاڪستان جي سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد به پيش ڪئي.