اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??يو آهي ته ڀائر ملڪ پاڪستان س??ن گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ م??ڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي اردو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ??يو. ترڪ سفير اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ ربن ڪاٽي اي پي پي اردو سروس جي اپ گريڊيشن جي منصوبي جو افتتاح ڪيو جنهن جي لاءِ ترڪ جي تعاون ۽ گڏيل رابطن واري اداري (??يڪ??) معاونت فراهم ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت ۽ اي پي پي جا اعليٰ آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ترڪ سفير چيو ته ترڪ جي تعاون ۽ گڏيل رابطن واري اداري (??يڪ??) جي تعاون س??ن قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي اردو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته ميڊيا انتهائي اهميت رکندڙ شعبو آهي، ٻنهي ملڪن جو ميديا سميت مختلف شعبن ۾ اڳ ۾ ئي تعاون ۽ حصيداري جاري آهي. سڄي دنيا ۾ م??ڊيا نئين رجحانن ۽ ٽيڪنالاجيز کان روشناس ٿي رهي آهي ۽ هي هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو اي پي پي کي جديد رخن تي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اميد آهي ته ان س??ن اي پي پي کي فائدو ٿيندو. هن اي پي پي انتظاميا ۽ ??يڪ?? جا پڻ ٿورا مڃيا. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير ترڪ سفير کي قومي خابرو اداري جي معاملن بابت آگاهه ڪيو ۽ اردو سروس جي رنگ روغن ۽ ان کي پيشيواراڻي جديد اوزارن جي فراهمي تي ان جا ٿورا مڃيا. اختر منير چيو ته ??يڪ?? پاران فراهم ڪيل تعاون س??ن اردو سروس کي پنهنجي نيوز آپريشن ۽ پيشيواراڻي خدمتن کي خوش اسلوبي سان س??انجام ڏيڻ ۾ معاونت سان گڏوگڏ ڪم ڪار جو بهتر ماحول مليو آهي. هائي ٽيڪ ورڪ اسٽيشنز، لوڪل ايريا نيٽ ورڪنگ، جديد سرور ۽ ٻئي ساز و سامان جي فراهمي ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري سان اداري کي موجوده دور جي ميڊيا سان وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ??يڪ?? جي ڪنٽري ڪوآرڊينيٽر محسن بالجي ان تعاون کي ترڪ عوام پاران هڪ تحفو قرار ڏيندي ??يو ته ان س??ن پاڪ ترڪ ڀائراڻن رشتن کي وڌيڪ فروغ ملندو. ان کان اڳ اي پي پي هيڊڪوارٽر اچڻ تي اي پي پي جي ايم ڊي اختر منير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيوز محمد حنيف صابر، ڊائريڪٽر اي پي پي اردو سروس عبدالجبار ذڪريا، ڊائريڪٽر ڊيجيٽل نيوز شفيق احمد قريشي، ڊائريڪٽر آءِ ٽي غواث خان، ڊائريڪٽر ايڊمن عدنان گهمن ۽ ٻين سينيئر آفيسرن وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ترڪ سفير ۽ ??يڪ?? جي عملدارن جو شاندار استقبال ڪيو.