ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سُهيل راجپوت ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان چيو آهي ته ڏاڍ ۽ سختين س??ن ڪشميري ڀائرن جو رستو نه ٿو روڪي سگهجي، ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي فوري بحال ڪري، مودي سرڪار پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته مودي سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين س??ن خطي ۾ امن کي سخت خطرا آهن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي ج??وجهد ۾ انهن س??ن گڏ بيٺل آهي، ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن س??ن يڪجهتي جي لاءِ خصوصي پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن.