اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صد?? رجب طيب اردوان جي دعوت تي 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صد?? اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، عل??ئقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي اڳواڻن س??ن به ملاقات ڪندو. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جو صد?? به وزيراعظم جي استنبول ۾ قيام دوران س??ڻس ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ثقافت ۽ تاريخ جي هڪجهڙائپ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ غيرمعمولي هم آهنگي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم (Milgem) منصوبو پاڪستان ترڪي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پاڪ بحريه لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس با??ر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ٻيو جهاز پي اين ايس بدر جو سنگ بنياد مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو هو. وزيراعظم ان کان اڳ مئي، جون 2022ع ۾ ترڪيه جو دورو ڪيو هو.