اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي مواصلات، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي، غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙڪاري جي لاءِ سموريون س??ولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن مصر جي ناليواري ڪاروباري شخصيت نجيب سا??ير?? جي قيادت هيٺ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن س??ڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نجيب سا??ير?? ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان س??ڙپڪار دوست پاليسيز تي عمل ڪري رهيو آهي. هن وڌي?? چيو ته پاڪستان حڪومت ٻاهرئين س??ڙپڪارن کي سموريون فراهم ڪندي. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن س??ن ٻاهريون س??ڙپڪار ڪمپنيون فائدو کڻي سگهن ٿيون. نجيب سا??ير?? چيو ته انهن جو بزنس گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ?? ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ ڪامياب سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. هن پاڪستان ۾ وڌيڪ شعبن ۾ خاص طور تي کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.