لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ۾ خصوصي ماڻ??ن جي رجسٽريشن جي لاءِ نادرا سان حصيداري جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ماڻ??ن جي صحيح ڊيٽا جمع ڪرڻ ضروري آهي، صحيح ڊيٽا هوندي ته خصوصي ماڻ??ن جي ڀلائي جي ڪمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عام اسڪولن ۾ به خصوصي ماڻ??ن جي تربيت جي حوالي سان جدا ٽيچرز مقرر ڪرڻ جي هدايت ??ندي چيو ته خصوصي ٻار خصوصي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن ۽ تربيت سان ان??ن جون صلاحيتون نکري سگهن ٿيون. هن چيو ته بازارن ۽ مارڪيٽنگ ۾ ريمپس ٺاهي خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد سان خصوصي ماڻهن کي تمام گهڻو ريليف ملندو. خصوصي ماڻهن ڪيترن ئي ميدانن ۾ پنهنجي صلاحيتن ذريعي نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت جي خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ موثر قدم ساراهه جوڳا آهن. چوڌري پرويز الاهي چيو ته 2003ع ۾ مون خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ جدا کاتو ٺاهيو آهي. پنجاب ۾ خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ 170 ادارا قائم ڪيا ۽ خصوصي ٻارن جي لاءِ فري ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي. پنجاب حڪومت خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، پنجاب جي سمورن ادارن ۾ اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ملازمن جي لاءِ ڪنوينس الائونس وڌايو آهي. پنجاب حڪومت نئين بسلن ۾ به خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ جدا سيٽون مخصوص ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي خصوصي ماڻ??ن جي بحالي، تربيت، رجسٽريشن ۽ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سوشل ويلفيئر واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي، ايم اين اي حسين الاهي، چيف سيڪريٽري عبيدالله سنبل، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علي محمد خان ڀٽي، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، سيڪريٽري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئ?? اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ۽ لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ??ئي.