اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد ۽ شرپسند عنصر ڪنهن به قيمت تي پاڪستاني عوام جا حوص??ا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، هم ملڪ جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، تازي دهشتگردي جي لهر جي تدارڪ جي لاءِ ??مو??ا وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجي وچ ۾ تعاون وڌائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ ??لله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن ۽ ??مو??ن صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ گهرو سيڪريٽري ملڪ جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني، چئني صوبن جي آءِ جي?? ۽ ??يف سيڪريرين وزيراعظم کي تازي دهشتگردي جي واقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ امن امان جي لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ آءِ جي اسلام آباد وزيراعظم کي اسلام آباد پوليس جي پگهارن ۾ اضافي ۽ ايف سي جي راشن الائونس کي وڌائي باقي ??مو??ين فورسز جي برابر ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان اسلام آباد پوليس جو مورال بلند ٿيو آهي. وزيراعظم نيشنل ڪوآر??ين??ٽر نيڪٽا کي هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي مڪمل روڪٿام لاءِ صوبائي سي ٽي ڊيز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري ۽ نيشنل ڪوآر??ين??ٽر نيڪٽا صوبن ۾ وڃي ان حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. وزيراعظم چيو ته صوبائي ايپڪس ڪميٽيون پنهنجا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون سان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائين.