ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، اس??ن جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فر??هم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اس??اق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وفد ۾ ابوظهبي ڊيولپمينٽ هولڊنگ ڪمپني (اي ڊي ڪيو) جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد حسن السويدي ۽ انٽرنيشنل هولڊنگز ڪمپني (آءِ ايڇ سي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد بصر شعيب ۽ ٻيا شامل هئا. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اس??ن جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فر??هم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ملاقات دوران وفد کي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفد کي خوراڪ ۽ زراعت، هوابازي، بجلي، متبادل توانائي بشمو?? شمسي توانائي، مالياتي خدمتن، صحت جي سارسنڀال، صنعت، لاجسٽڪس، ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ پاڪس??ان جي جيو اڪنامڪ صلاحيتن تي بريفنگ ڏني وئي. محمد حسن السويدي اي ڊي ڪيو جي عالمي موجودگي کي وڌائڻ ۽ پاڪس??ان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي ظاهر ڪئي. اي ڊي ڪيو وچ اوڀر جي خطي جي سڀ کان وڏي هولڊنگ ڪمپنين مان هڪ آهي جنهن وٽ ابوظهبي جي نان آئل معيشت جي ??هم شعبن جو احاطو ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي متنوع پورٽ فوليو آهي.