اسلام آباد -31 جولاءِ (ا?? پي پي) گهرو معاملن بابت وف??قي وزير محسن نقوي سان مجلس وحدت ال??سل??ين جي ايم اين اي حميد حسين جي اڳواڻي ۾ ڪرم سان تعلق رکندڙ وف?? ملاقات ڪئي. گهرو وزير ڪرم جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون. محسن نقوي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته ٻن گروپن وچ ۾ تڪرار کي غلط رنگ ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ علائقي جي معزز شخصيتن کي ان مسئلي جي جٽادار حل لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي. حڪومت معاملي جي حل لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. علائقي ۾ ڀائيچاري ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وف??قي وزير ڪرم جي ٻنهي گروپن جي معزز شخصيتن سان نمائنده وف?? کي به ملاقات لاءِ گهرايو. وف?? ۾ منير حسين، پروفيسر شبير بنگش ۽ ٻيا شامل هئا. وف??قي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا به ان موقعي تي موجود هو.