اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف بنگلاديش ۾ تازي ??وڏ واري صورتحال تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس کي خط ۾ پاڪستان پاران مدد جي آڇ ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته بنگلاديش ۾ تازي تباه?? آڻيندڙ ??وڏ واري صورتحال تي دلي ڏک آهي، هِن ڏُک واري گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون همدرديون بنگلاديشي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ بنگلاديش ۽ بنگلاديشي شهرين جن جا پيارا ??وڏ ۾ وڇڙي ويا، گهر ۽ روزگار تباهه ٿيا، سان گڏ بيٺل آهيون، بنگلاديشي عوام مشڪلاتن ۾ پنهنجي حوصلي ۽ همت جي لاءِ سڃاڻي وڃي ٿي. وزيرا??ظم چيو ته پراميد آهيان ته بنگلاديش توهان جي قيادت ۾ هن مشڪل مان جلد نڪري ايندو، پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ هر طرح سان بنگلاديش جي مدد جي لاءِ تيار آهي.