اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي جي علائقي ملي خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته قوم جي فرزندن جون قربانيون ضايع وڃڻ نه ڏينداسين، عوام جي جان ۽ مال کي خطري ۾ وجهندڙ دهشتگر??ن کي سخت قيمت ادا ڪرڻي پوندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??ه بنون ضلعي جي علائقي ملي خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز 6 دهشتگر??ن کي جهنم واصل ڪيو ۽ ان عمل ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پ??ش ڪيا. هن چيو ??ه ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. ضلعي بنون جي علائقي ملي خيل ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ صوبيدار عمران احمد فاروقي، حوالدار محمد جاويد اقبال، نائق طهماس، نائڪ باسط فريد، سپاهي صفدر علي، سپاهي اسد ب??ير، سپاهي اعجاز حسين، سپاهي عاطف خان، سپاهي امان الله، سپاهي شاهه زمان، سپاهي حسيب الله ۽ عثمان شامل آهن.