اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ??ما??ت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي درخواست واري ??ما??ت تي ٻُڌڻي ڪئ??. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ باني جو وڪيل سلمان صفدر ۽ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻُڌڻيءَ دوران عدالت پُڇاڻو ڪيو ته جن ٽن ڪسٽمز آفيسرن قيمتون لڳايون انهن بابت ڇا ڪارروائي ٿي؟ ان تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻُڌايو ته ڪسٽمز آفيسرن کان ??وت??هي ٿي پر اهو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هو، جن مالي فائدو کنيو اهي بينفشري ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ جو مرتڪب ٿيا. پراسيڪيوٽر چيو ته بلغاري جيولري سي?? کي غير قانوني طور تي پاڻ وٽ رکيو ۽ توشه خانه ۾ جمع ئي نه ڪرايو. پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پر ميڊيا ۾ پهريان کان ئي آهي ته ??ما??ت ٿي ويندي. ان تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ميڊيا کان پاڻ کي آجو ڪريو. جسٽس گل حسن اورنگزيب جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ چيو وڃي ٿو ته ڄاڻي واڻي بيمار ٿي پيو آهي، ڄاڻي واڻي نه آيو، ميڊيا جيڪڏهن سنسني نه پکڙيندو ته سندن ڪاروبار ڪيئن هلندو. بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ??ما??ت منظور ڪئ??. عدالت پي ٽي آءِ باني کي 10-10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٽرائل ڪورٽ آڏو به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته هي سي?? جي وڌيڪ قيمت لڳائڻ جي شاهدي جو معاملو آهي، دٻاءُ جو معاملو اڃا ثابت ڪرڻو آهي، ٽرائل دوران عدالت سان تعاون نه ڪيو ويو ته ??ما??ت واپس ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته نيب پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي توشه خانه جي ٻئي ڪيس ۾ 13 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو.