اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ هائيڊرو پاور جي مجموعي صلا??يت 59 هزار 796 ميگاواٽ آهي جڏهن ته فني ۽ معاشي طور تي مناسب صلا??يت 41 هزار 45 ميگاواٽ آهي. انجنيئر حسين احمد صديقي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ آبي وسيلن مان توانائي پيدا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيتن باوجود آهي ان مان پن بجلي جي پيداوار 10 هزار 635 م??گاواٽ آهي جيڪا نيشنل گرڊ سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پن بجلي جي مجموعي پيداوار ۾ 9 هزار 389 ميگاواٽ بجلي ميگاواٽ بجلي پبلڪ سيڪٽر ۾ واپڊا ذر??عي پيدا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته 1246 ميگاواٽ بجلي آءِ پي پيز پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي مجموعي پيداواري صلا??يت 43 هزار 835 م??گاواٽ آهي جنهن ۾ آبي وسيلن مان پيدا ٿيل بجلي جي شرح 24 سيڪڙو جي ويجهو آهي. هن چيو ته آبي وسيلن مان توانائي حاصل ڪرڻ جي صلاحيتن مان فائدي ذر??عي پاڪستان ۾ بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.