اسلام آ??اد ?? 29 ??? نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ۽ 3 ڊسمبر تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي وزيرن واري ڪائونسل جي 28هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مشهد ايران جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته نائب وزيراعظم اجلاس ۾ اي سي او چارٽر جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ اي سي او خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪندو، ه?? پنهنجي خطاب ۾ اي سي او خطي جي اقتصادي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل نيٽ ورڪس جي ترقي، ويزا نظام کي نرم ڪرڻ ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ جيو اڪنامڪ صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ زور ڀريندو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي موجوده صورتحال سان علائقائي امن ۽ سل??متي کي خطري بابت پاڪستان جي خدشن جو پڻ ورجاءُ ڪندو. نائب وزيراعظم اي سي او ڪلين انرجي سينٽر جي چارٽر تي پڻ صحيحون ڪندو ۽ اي سي او ملڪن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو.