رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تع??ون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ون واٽر س??ٽ جي موقعي تي پنهنجي ڀاءُ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات خوشي ۽ اعزاز هو. اسان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ پنهنجي تع??ون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. هن چيو ته لاڳيتو اعليٰ سطحي مٽاسٽا اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڀائتي اقتصادي تع??ون جي راهه هموار ڪري رهي آهي. پنهنجي عوام جي مفاد ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ انهن جي ذاتي دلچسپي ۽ حمايت جي لاءِ ٿورائتو آهيان.