اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي ??ي پي) پاڪستان س??يت سڄي دنيا ۾ ڪرپشن جي روڪٿام جو عالمي ڏھاڙو 9 ڊسمبر تي ملھايو وي??دو. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد سڄي دنيا مان ڪرپشن جي خاتمي جي حوالي سان ع??ام ۾ جاڳرتا ۽ معاشري تي ڪرپشن جي خراب اثرن سبب آگا??ي پيدا ڪرڻ آھي. پھريون ورلڊ اينٽي ڪرپشن ڊي 9 ڊسمبر 2004ع تي ميڪسيڪو ۾ ملھايو ويو ھو جنھن کانپوءِ ھر سال ڪرپشن خلاف جنگ جي عزم جي نئين سر تجديد لاءِ سڄي دنيا ۾ اھو ڏينھن ملھايو ويندو آھي ته جيئن معاشري کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جي عزم کي ھٿي ڏيڻ سان گڏو گڏ ڪرپشن جي مڪمل روڪٿام کي يقيني بڻائي سگھجي. ڪرپشن جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان سرڪاري، خانگي ۽ فلاحي ادارن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون، پروگرام ۽ واڪ منعقد ڪيا ويندا جڏهن ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي خا?? پروگرام نشر ۽ مواد شايع پڻ ڪيو وي??دو.