اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. سوار م??مد حسين شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم چيو ته سوار م??مد حسين شهيد (نشان حيدر) 1971ع جي جنگ ۾ بي مثال بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ دشمن جي نشاندهي ڪندي ٽينڪ تباهه ڪندڙ توپن سان دشمن جون 16 ٽينڪون تباهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سوار م??مد حسين شهيد (نشان حيدر) پنهنجي پيشيواراڻي عسڪري مهارت سان دشمن جي طاقت جي نشي ۽ عددي برتري جي ??رو?? کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ جرئت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪندي ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته سوار م??مد حسين شهيد جو ملڪ جي حف??ظت جي اڻٿڪ عزم ۽ عهد وفا نڀائيندي شهادت ماڻڻ جو عمل ايندڙ ن??لن جي لاءِ قابل تقليد آهي. مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.