اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پ??ڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ج?? وچ ۾ لاڳاپن کي ”مذهب، اعتماد ۽ گڏيل احترام“ تي ٻڌل هڪ مضبوط رشتو قرار ڏيندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هو اسلام آباد ۾ يو اي اي جي 53هين قومي ڏينهن ”عيدالاتحاد“ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، پ??ڪس??ان ۾ يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي، سفارتي برادري جي ميمبرن ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پ??ڪس??ان يو اي اي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ سياحت جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن يو اي اي جي ڪاروباري ادارن کي پ??ڪس??ان جي معيشت بشمول پ??ڪس??ان اسٽاڪ ايڪسچينج، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين موقعن سان ڀرپور شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، ڇو ته ملڪ هڪ اهڙو سيڙپڪاري دوست ماحول پيش ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪ – يو اي اي لاڳاپا هڪ قابل اعتماد اسٽ??يٽ??ڪ حصيداري ۾ اچي چڪا آهن جيڪا سياسي، معاشي ۽ سماجي رخن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته يو اي اي پ??ڪس??ان جو هڪ اهم ترين معاشي حصيدار ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ وڏو ملڪ آهي. صدر چيو ته تازو ئي سامونڊي، ??اج??ٽڪس ۽ هوابازي جهڙن شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون يو اي اي جي پ??ڪس??ان جي معاشي صلاحيت تي پختي حمايت ۽ اعتماد جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته پ??ڪس??ان اهو پهريون ملڪ هو جنهن يو اي اي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي ان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. هن پ??ڪس??ان جي مشڪل وقتن ۾ يو اي اي جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. صدر يو اي اي ۾ رهندڙ 18 لک پ??ڪس??انين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهي عوامي لاڳاپا اسان جي ملڪن ج?? وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ خي??سگالي جو اعليٰ مثال آهي. صدر يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ عوام کي يو اي اي جي قومي ڏينهن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني.