اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته رائٽ سائزنگ جو عمل شفاف طريقي سان اڳيان وڌي رهيو آهي، ڪوشش آهي جاري مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين اهو عمل مڪمل ٿئي، 60 سيڪڙو خالي ريگيولر پوسٽ?? کي ختم يا ڊائننگ پوسٽون قرار ڏنو ويو آهي جن جو انگ ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينه ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنرل نان ڪور سروسز (مڪينڪ، پلمبنگ ۽ ڪارڊنر) جي پوسٽ?? کي آئوٽ سروس ڪيو ويندو ته جيئن ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آڻي سگهجي. ڪنٽين جينسي پوسٽ?? کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ناڻي وزارت سمورن حڪومتي ادارن ۽ کاتن جي ڪيش بيلنس جي سڌيءَ ريت نگراني ڪندي، پهرئين مرحلي ۾ 6 وزارتن جي 80 ادارن جي انگ کي گهٽ ڪري 40 ڪيو ويندو، ٻئي مرحلي ۾ 25 ادار?? کي وائنڊ اپ ڪيو ويندو، 20 ادارن جي ڳاڻيٽي کي گهٽ جڏهن ته 9 ادار?? کي ضم ڪيو ويندو. ڪالهه پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر بلال اظهر ڪياني ۽ ٻين سينيئر عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل 6-7 مهينن ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ تي اسان جي توجهه رهي آهي، پاڪستان جي معيشت بهتر حالت ۾ آهي، اسان جا سڄا هدف درست رُخ ۾ جاري آهن، جٽادار اؤسر لاءِ هڪ بنياد رکي ڇڏيو آهي، ڪوشش آهي ته بوم اينڊ بسٽ سائيڪل کان نڪري وڃون، هاڻ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر طرف اسان جو ڌيان آهي. هن چيو ته حڪومت نجي شعبي جي قيادت ۾ معيشٽ کي اڳيان وٺي وڃڻ تي يقين رکي ٿي، ڍانچي جاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، ڪسٽم ۾ فيس ليس انٽر ايڪشن جو ن??ام لاڳو ٿي چڪو آهي، وزيراعظم ان جو افتتاح ڪندو. ناڻي واري وزير چيو ته سرڪاري خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان قدمن جو سلسلو جاري آهي، وفاقي حڪومت جي رائٽ سائزنگ تي ڪم ٿي رهيو آهي، اسان ان ڳالهه تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ته حڪومتي ڳاڻيٽي ۽ خرچ?? کي ڪيئن گهٽ ڪجي، جون 2024ع ۾ وزيراعظم رائٽ سائزنگ جي ڪميٽي بڻائي هئي، ڪميٽيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن کان علاوه سينيئر عملدار به شامل هئا، جڏهن ته نجي شعبي کي به نمائندگي ڏني وئي آهي، ان ڪميٽيءَ جي ٽي او آرز جو بنيادي مقصد اهو آهي ته خرچن ۾ گهٽتائي آندي وڃي ته جيئن وسيل?? کي بهتر مقصدن لاءِ ا??تعمال ڪري سگهجي. ڪميٽي سمورين وزارتن ۽ ذيلي ادارن جي افاديت جو جائزو وٺندي آهي، 43 وزارتن ۽ 400 ذيلي ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي ٿو، انهن ادارن جا 900 ارب جا خرچ بڻجن ٿا. هن چيو ته رائٽ سائزنگ جو عمل مرحليوار بنيادن تي اڳيان وڌايو پيو وڃي، پهرئين مرحلي ۾ 6 وزارتن ۽ ضم ٿيل ادار?? کي سڏايو ويو جن ۾ ڪشمير معاملن ۽ سيفران واري وزارت، آءِ ٽي، صنعت ۽ پيداوار، قومي صحت ۽ خدمت ۽ ڪيڊ شامل هيون، اسان نه صرف وزارتن پر کات?? کي به تفصيل سان ٻُڌو. هڪ هڪ وزارت سان ڪيترن ئي ڪلاڪن جو صلاح مشورو ٿيو ۽ ان کانپوءِ فيصله سازي ٿي، فيصل?? کي وزيراعظم ۽ ڪابينه وٽ کنيو ويندو آهي ۽ وزيراعظم جي رهنمائي حاصل ڪئي ويندي آهي، انهن فيصلن تي هاڻ عملدرآمد جو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پهرئين مرحلي ۾ 6 وزارتن ۽ ذيلي ادارن جي حوالي سان ڪالهه هڪ ميٽنگ ٿي، ڪشمير ۽ سيفران معاملن واري وزارت کي ضم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪيڊ کي ختم ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ 6 وزارتن جي 80 ادارن جي انگ کي گهٽ ڪري 40 ڪيو ويندو، ٻئي مرحلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي 60 ادارن بابت فيصلا ٿيا آهن، 25 ادار?? کي وائنڊ اپ ڪيو ويندو، 20 ادارن جي ڳاڻيٽي کي گهٽ ڪيو ويندو جڏهن ته 9 ادار?? کي ضم ڪيو پيو وڃي، ٽئين مرحلي ۾ وفاقي تعليم واري وزارت، سڌ سماءَ واري وزارت، نيشنل هيريٽج اينڊ ڪلچر، ناڻي ۽ پاور واري وزارت شامل آهن، انهن ادارن سان به ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، رائٽ سائزنگ جو ڪم جاري مالي سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ ترتيب ڏيڻ ۽ ا?? کي پائيدار بڻائڻ آهي، نجي شعبي کي ملڪ جي قيادت ڪرڻي آهي، نجي شعبو بهتر هوندو ته روزگار جا موقعا وڌيڪ فراهم ٿيندا. هن چيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ اهڙو بينچ مارڪ مقرر ڪري ٿو، جيڪو ملڪ لاءِ سُٺو هجي ته اسا?? کي ان تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهوئي ملڪي مفاد ۾ هوندو آهي. هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت جو ڳاڻيٽو گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، انهن قدمن جي نتيجي ۾ بجيٽ تي سُٺا اثر جڙندا، اسان جي قرضن جي ادائگي ۾ بهتري آئي آهي، پهريون ڀيرو پينشن سڌارن تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن سان آهستي آهستي بهتري ايندي. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب سڌارا آڻي رهيا آهيون ته جيئن حڪومت تي بار گهٽ ٿي سگهي، ايس او پيز سڌارن ۾ ڪنهن به وزارت کي ڇوٽ حاصل ناهي، سمورن وزار?? کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏسي رهيا آهيون، رائٽ سائزنگ جو عمل شفاف طريقي سان ٿي رهيو آهي ۽ ان سان حڪومتي ڪارڪردگيءَ کي به بهتر بڻايو ويندو. جون 2025ع تائين رائٽ سائزنگ جو عمل ڪرڻو آهي. ان موقعي تي بلال اظهر ڪياني چيو ته ڪيترن ئي وفاقي ادارن جو ڳاڻيٽو وڌيڪ آهي، ان سڄي عمل جو بنيادي مقصد اهو آهي ته خرچ?? کي گهٽ ڪري سگهجي، رائٽ سائزنگ جو مقصد حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت ۾ واڌ ڪرڻ آهي، وزيراعظم ان سڄي عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي.