اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان واپار جون نيون راهون ??وليندو، پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ سموريون ??ريون ??ڏجي ڪم ڪن. وزي??اع??م ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م سان وحدت اسلامي افغانستان جي اڳواڻ استاد ڪريم خليلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان امن عمل تي اڳڀرائي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وزي??اع??م چيو ته افغان مسئلي جي ٺوس حل جي لاءِ بين الافغان ڳالهين واري عمل کي اڳتي وڌائڻ لازمي آهي. مسلسل ٽڪراءُ سان افغان عوام بري طرح متاثر ٿي. اسان افغانستان سان واپار ۽ معيشت سميت ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري چاهيون ٿا.