اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي)نجڪاري وار?? وفاقي وزير محمد ميان سومرو ۽ صنعتن پيداوار وار?? وفاقي وزير حماد اظهر جي گڏيل صدارت ۾ رٿيل اجلاس دوران پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس گذريل ڏينهن و??اق?? وزيرن جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ نجڪاري وار?? وفاقي سيڪريٽري ايڊيشنل سيڪريٽري انڊسٽريز سميت لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد ميان سومرو چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي عمل جي ڪابينه جي نجڪاري ڪم??ٽي جي فيصلي جي روشني ۾ڪيو ويندو ۽ پي ايس ايم جي اثاثن پاڪستان اسٽيل ملز جي ذيلي ڪم??ني کي ملڪيت جي منتقلي کان سواءِ ٽرانسفر ڪيا ويندا.